ٿاڻو بولا خان ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳڙهي ياسين واسي هڪ عورت فوت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Road-Accident-91216

ٿاڻو بولا خان ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳڙهي ياسين واسي هڪ عورت فوت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نصرپور ٿاڻي سامهون تيز رفتار ٽرڪ دڪانن ۾ ڪاهي پئي، حادثي ڊرائيور الهه جڙيو عاقلاڻيءَ کان حياتي کسي ورتي.

لوڻي ڪوٽ ويجهو ڪار جو آئل ٽينڪر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳڙهي ياسين واسي عورت خالده زال زاهد ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي واري هنڌ موجود ريسڪيو ٽيمن کي اطلاع ڏنو جن فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سنگهڙ منتقل ڪيو.

نصرپور ٿاڻي سامهون تيز رفتار ٽرڪ دڪانن ۾ ڪاهي پئي، ڊرائيور الهه جڙيو عاقلاڻي زخمي ٿي پيو، جنهن هيلٿ سينٽر نيئندي دم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*