سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2018ع خلاف درخواست کي غيراثرائتو قرار ڏئي اڪلائي ڇڏيو آهي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2018ع خلاف درخواست کي غيراثرائتو قرار ڏئي اڪلائي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2018ع خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته بل هاءِ ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، جنهنڪري درخوست غيراثرائتي ٿي وئي آهي.

عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن معاملي کي وڌيڪ هلائڻ چاهيو ٿا ته نئين درخواست داخل ڪرائي وڃي.

درخواست ۾ وڏي وزير، گورنر، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ چيف سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو هو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته صوبي جي يونيورسٽين کي وڏي وزير جي ماتحت ڪري شهري علائقن ۾ تعليمي ۾ بگاڙ ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*