ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ڌاڙيلن خلاف اڄ ٻيهر آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون

Kandhkot

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ڌاڙيلن  خلاف اڄ ٻيهر آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون، رينجرز ۽ مختلف ضلعن جي پوليس به پهچي وئي آهي.

دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ مغوين جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل آپريشن دوران ايس ايڇ او ڪرمپور علي حسن بکراڻي جي شهيد ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ عارضي طور آپريشن کي روڪيو ويو هو.

اڄ ٻيهر ڀرپور نموني آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس سان گڏ شڪارپور ۽ سکر ضلعن جي پوليس ۽ رينجرز به دراني مهر ٿاڻي تي پهچي وئي آهي.

جڏهن ته اي پي سي ۽ 4 بڪتر بند گاڏيون به ٿاڻي تي پهچايون ويون آهن.

پوليس موجب ڪچي جي آدم ٽٻو واري علائقي  ۾ ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

آدم ٽٻو واري علائقي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او ڪرمپور علي حسن بکراڻي شهيد ٿي ويو هو۽ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*