سپريم ڪورٽ ضلعي ڪائونسل خوشاب جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

supreme court

سپريم ڪورٽ ضلعي ڪائونسل خوشاب جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سميرا ملڪ قومي اسيمبلي جي رڪنيت کانپوءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرپرسن جي سيٽ تان به فارغ ٿي وئي.

سپريم ڪورٽ ۾ ضلعي ڪائونسل خوشاب جي چيئرپرسن سميرا ملڪ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست مخالف اميدوار امير حيدر ڏني هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو حو ته ضلعي ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي.

عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. اڄ جسٽس گلزار احمد محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ان کان اڳ سميرا ملڪ کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ قومي اسيبملي جي رڪنيت بابت نااهل قرار ڏئي چڪي آهي، هاڻ کيس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرپرسن سيٽ تان به هٽايو  ويو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*