ايف آءِ اي، اصفغر خان ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ ۽ ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

FIA-7916

ايف آءِ اي، اصفغر خان ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ ۽ ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني  کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب، مرزا اسلم بيگ ۽ اسد دراني کي سياستدانن ۽ صحافين کي ڏنل  پيسن بابت ثبوت گهريا ويندا.

ايف آءِ اي ذريعن موجب، اصغر خان ڪيس بابت سپريم ڪورٽ تي عملدرآمد لاءِ نئين ڪوميٽي جوڙڻ جو به مڪان آهي.

ذريعن موجب، ايف آءِ اي اهڙِي قدم بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي به نظر ۾ رکندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*