پاڻي ڪميشن سربراهه امير هاني مسلم سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ واري معاملي تي ڊي ايڇ اي جي لا آفيسر پاران خاطر خواه جواب نه ڏئي سگهڻ تي ٽائون پلاننگ آفيسر کي سڏائي ورتو آهي

justice amir hani

پاڻي ڪميشن سربراهه امير هاني مسلم سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ واري معاملي تي ڊي ايڇ اي جي لا آفيسر پاران خاطر خواه جواب نه ڏئي سگهڻ تي ٽائون پلاننگ آفيسر کي سڏائي ورتو آهي.

جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ پاڻي ڪميشن جي ڪارروائي ٿي، جنهن ۾ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، ڊي ايڇ اي جو لا آفيسر ۽ ٻيا ڪميشن وٽ پيش ٿيا.

امير هاني مسلم، لا آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪميشن آڏو پيش نٿا ٿيو، ڇا آسمان تان آيا آهيو؟ اوهان سمنڊ جي ڪناري جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ڊي ايڇ اي جي لا آفيسر جواب ڏيندي چيو ته کيس ڄاڻ ناهي ته اتي ڪهڙي صورتحال آهي.

امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڄاڻ ناهي ته پوءِ هتي ڇو آيا آهيو؟ جنهن تي ڊي ايڇ اي جي لا آفيسر جواب ڏنو ته پلاننگ ٽائون جو ڪم آهي، انهن کي خبر آهي.

ڪميشن سربراهه چيو ته وڃو هاڻ ئي ٽائون پلاننگ آفيسرن کي سڏايو.

شهري عورت ڪميشن وٽ پيش ٿي چيو ته سمنڊ ۾ سيوريج ۽ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب مڇيون ماري رهيون آهن، ڊي ايڇ اي ڪنٽونمينٽ کي سمنڊ ڪناري تي صفائي جو ڪو خيال ئي ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*