شڪارپور ۾ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ھٿ ڪيو ويو آهي، پوليس مقتول نوجوان جي ڀيڻوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

shikarpur dead body

شڪارپور ۾ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ھٿ ڪيو ويو آهي، پوليس مقتول نوجوان جي ڀيڻوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب مقتول جو پنهنجي ڀيڻوئي سان  ملڪيت جي ورهاست تان تڪرار هلندڙ هو.

هڪڙا محلي جي گهٽي مان نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ 30ورهين جي خورشيد ولد غلام مرتضيٰ سومرو طور ڪئي وئي.

اطلاع تي لکيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو موت تشدد ۽ گهٽا ڏيڻ سبب ٿيو آهي.

جڏهن ته لکيدر پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي ڀيڻوئي ذيشان دائود پوٽي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيوآهي.

پوليس جوچوڻ آهي ته مقتول خورشيد سومرو جو پنهنجي ڀيڻوئي ذيشان دائود پوٽي سان ملڪيت تان تڪرار هلندڙ هو،جنهن تان کيس قتل ڪري سندس لاش گهر ٻاهران گهٽي ۾اڇلايو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*