وزيراعظم شاهد خاقان عباسي رمضان شريف ۾ سحري ۽ افطاري وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

pm

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي رمضان شريف ۾ سحري ۽ افطاري وقت  بجلي  جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت  ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ رمضان شريف ۾ بجلي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ ملڪ ۾ بجلي جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سحري ۽ افطاري وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*