تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ پوليس سياست ۾ ملوث آهي

 11 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن.

پشاور ۾ پوليس لائين جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ پوليس جي ڪردار کي فعال بڻائي رهيا آهيون.

عمران خان چيو ته 11ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هن چيو ته مسئلن جو واحد حل جرڳا سسٽم آهي، نئين پاڪستان ۾ عوام کي مفت انصاف ملندو.

هن چيو ته ڪي پي ڪي جي پوليس سموري ملڪ لاءِ مثال بڻجندي ۽ ان لاءِ پوليس مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ هتان جي پوليس غير سياسي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*