قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سينيٽ مان پاس ڪيل کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ بابت سميت مختلف بل منظور ڪيا ويا

national assembly

قومي اسيمبلي  جي اجلاس ۾ سينيٽ مان پاس ڪيل کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ بابت سميت مختلف بل منظور ڪيا ويا، کدڙن فقيرن بابت بل تحت 18 سالن جي عمر کانپوءِ  کدڙن فقيرن کي پنهنجي جنس جي چونڊ ڪرڻ جو حق هوندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ  ٿيو.

اجلاس ۾ سينيٽ مان پاس ڪيل کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ جو 2018 بل پيش ڪيو ويو، جيڪواڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

بل تحت 18 سالن جي عمر کانپوءِ پنهنجي جنس جي چونڊ ڪرڻ جو حق آهي.

کدڙن فقيرن کي منظور ٿيل بل تحت ملڪيت ۾ قانوني حصو ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي.

اجلاس ۾ سينيٽ مان پاس ڪيل نيشنل سوڪ ايجوڪيشن بل 2018 به گڏيل طور منظور ڪيو ويو. .

بل پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد قمر نويد پيش ڪيو هو.

اجلاس ۾ سينيٽ مان پاس ڪيل دهشتگردي بابت ترميمي بل 2018 به منظور ڪيو ويو.

جي يو آءِ ايف جي نعيمه ڪشور پاران ترمين رد ڪيو ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي عائشه سيد به مخالفت ڪئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان وقت تي بل ورهايو هو.

قومي اسيمبلي ۾ سيينٽ مان پاس ڪيل بي رحمي حيوانات ايڪٽ 1890 ۾ ترميمل جو بل پيش ڪيو.

بل تي تحريڪ انصاف جي ميمبر شيرين مزاري اعتراض ڪيو.

شيري مزاري چيو ته ٽانگا ۽ گڏهه گاڏي  هلائندڙ ۽ جانورن تي ظلم ڪرڻ تي پنجويهه هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو.

شيرين مزاري چيو ته هي اشرافين جي سزا  آهي، غريب گڏهه گاڏي هلائيندڙ ڏنڊ ڪٿان ادا ڪندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*