قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ سنڌجي راڄڌاني ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

national-assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ سنڌجي راڄڌاني ۾  ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم چيو آهي ته بنگالي ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ ترسيل آهن، انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ 1951ع جي شهريت واري قانون ۾ ترميمي بل پيش ڪيو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايم ڪيو ايم پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ 1951  جي شهريت قانون ۾ ترميم لاءِ پيش ڪيل بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

اجلاس ۾ بل  شيخ صلاح الدين، ڀاون داس، عبدالوسيم  ۽ ن ليگ جي اياز شاهه شيرازي پيش ڪيو.

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عبدالوسيم چيو ته ڪراچي ۾ بنگالي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ترسيل آهن، انهن کي پاڪستاني شهريت ڏني وڃي.

ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن بل ۾ مطالبو ڪيو آهي ته شهريت قانون ۾ ترميم ڪري ڪراچي ۾ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*