ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي جي هڪ بيمار عورت اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي وئي

dharki women deadbody

ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي جي هڪ بيمار عورت اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي وئي، وارثن   عورت جولاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو،  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پگهارون نه ملڻ جي ڪري سندن بيمار عورت پنهنجو علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب فوت ٿي وئي آهي.

صفائي ڪندڙ عملي جي عورت رياضان کي بيماري سبب علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي وئي.

عورت جي وارثن لاش نٽهڻ اس ۾ رکي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف  احتجاجي ڌرڻو هنيو.

فوتڻ جي ڌيءُ راڻي ۽ پٽ نورعلي دانهيندي چيوته سندن امڙ ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي ۾ سوئيپر هئي، پر کيس ٻن مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون.

هنن چيو ته سندن امڙ ڪافي وقت کان بيمار هئي، پگهارون نه ملڻ سبب چيڪ وياج تي رکي کيس علاج لاءِ ملتان کڻي وڃي رهيا هئا سين ته هن رستي ۾ دم ڏنو.

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*