دادو ۾ڊاڪٽر تي تشدد جي واقعي ۽ ايس آءِ اي تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي ٻئي عملي احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu dr against pro

                   دادو ۾ڊاڪٽر تي تشدد جي واقعي ۽ ايس آءِ اي تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي ٻئي عملي احتجاجي مظاهرو ڪيو، سول اسپتال جي عملي اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو، ٿاڻي سامهون ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

                ان موقعي تي خطاب ڪندي سول سرجن ڊاڪٽر عبدالرزاق جوڻيجو، ڊاڪٽر امجد مستوئي، صلاح الدين ۽ ٻين چيو ته مسيحي پيشي جي تذليل ۽ تشدد ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو.

                هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته ڊاڪٽر تي تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪار خلاف 24 ڪلاڪن اندر دهشتگرديءَ جو ڪيس ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت سڄي ضلعي ۾ احتجاج شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*