ڪراچي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي

khi local govt pro

ڪراچي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي.

 احتجاج ڪندڙن وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪري ڌرڻو هڻڻ جو چتاءَ ڏئي  ڇڏيو آهي.

 حافظ مشتاق احمد، سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ نور بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائيم اسڪيل، اپ گريڊيشن، سن ڪوٽا سميت ٻيا جائز حق ڏنا وڃن،

هنن چيو ته اسان لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهيون ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا ساڻس زيادتي آهي

هنن مطالبو ڪيو ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري ڄاڻايل مطالبا حل ڪيا وڃي، ٻي صورت اڄ وزيراعليءِ هائوس ڏانهن مارچ ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*