سپريم ڪورٽ پاران هوابازي کاتي جي اڳوڻي صلاحڪار شجاعت عظيم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ نيب کي سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ پاران هوابازي کاتي جي اڳوڻي صلاحڪار شجاعت عظيم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ نيب کي سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي ۾ سڀ کان وڌيڪ خسارو شجاعت عظيم جي دور ۾ ٿيو، هاڻ “ڌوڙ وجهوس” واري پاليسي نه هلندي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پي آءِ اي کي خانگائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. هوابازي وارو صلاحڪار مهتاب عباسي ۽ اڳوڻو صلاحڪار شجاعت عظيم  پيش ٿيو.

چيف جسٽس، مهتاب عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي آءِ اي نقصان اوهان جي دور ۾  ناهي ٿيو، اوهان ويهي ڏسو ته پي آءِ اي ۾ ٿيو ڇاهي.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اقتصاديات جي ماهر فرخ سليم کي پي آءِ اي جي 2008ع کان 2017 تائين مالي حالتن بابت پروجيڪٽر تي بريفنگ ڏني.

فرخ سليم بريفنگ  ڏيندي ٻڌايو ته 2008ع ۾ پي آءِ اي  جو مجموعي خسارو 73  ارب رپيا هو ۽ 2008 کان هن وقت تائين مجموعي طور تي پي آءِ اي جو خسارو 360  ارب رپيا آهي.

هن چيو ته 2013 کان 2017 تائين 197 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته 88 سيڪڙو خسارو 10 سالن جو آهي.

فرخ سليم چيو ته 2008 کان 2017 تائين 45 جهاز ليز تي ورتا ويا، جڏهن ته 2016 ۾ ليز تي ورتل جهازن جا 9 ارب رپيا ادا ڪيا ويا .

فرخ سليم ٻڌايو ته ليز جهاز گرائونڊ ٿيڻ سبب 6ڏهائي 67 سيڪڙو نقصان ٿيو. 1990 کان پي آءِ اي وٽ اسپئر پارٽس موجود آهن، جيڪي اڄ تائين استعمال ناهن ٿيا.

اقتصادي ماهر چيو ته 2008 کان هن وقت تائين پي آءِ اي جو مجموعي خسارو360 ارب رپيا آهي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا اربين رپيا فرشتا اچي کائي وڃن ٿا، هن ملڪ مان هڪ رپيو به نه وڃڻ ڏينداسين.

شجاعت عظيم عدالت کي ٻڌايو ته مان ٻن سالن کان هوا بازي جو صلاحڪار رهيس، منهنجو پي آءِ اي سان ڪو به تعلقنه آهي. جڏهن مان آيس ته اسلام آباد ايئرپورٽ جي حالت تمام گهڻي خراب هئي. مون کي ايڊوائز بڻايو ويو هو پر ٻٽي شهريت تي هم مهني ۾ ئي عهدي تان هٽايو ويو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پي آءِ اي کي تباهه ڪيو ويو آهي اهو به ذڪر نه ڪيو ويو ته اوهان جي ڪهڙي بنياد تي مقرري ڪئي وئي.

چيف جسٽس، شجاعت عظيم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ  ۽ سندس خلاف جاچ ڪري ريفرنس فائل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي فرانزڪ آڊٽ رپورت ملي وئي آهي، پي آءِ اي کي نقصان پهچائندڙ ذميوارن کي نه ڇڏيو ويندو.

عدالت پي آءِ اي جي 10 سالن واري ڪارڪردگي رپورٽ  ڪندي ٻڌڻي ڪندي ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*