سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جو مارچ غوثپور پهتو، جتي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو

ghospur

سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جو مارچ غوثپور پهتو، جتي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو.

عوامي تحريڪ جو ڄامشوري کان نڪتل سنڌ بچايو سجاڳي مارچ جيئن ئي غوثپور پھتو ته شهرين گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي.

ان موقعي تي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور احمد ڪاتيار سنڌياڻي تحريڪ جي پرھ سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته  سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪا به سازش ڪامياب ٿين نه ڏينداسين ۽ ھر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*