پي ٽي آءِ، ڪراچي جي حڪيم سعيد گرئوانڊ تي جلسو مشروط طور تي نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

imran-ismail-pti

پي ٽي آءِ، ڪراچي جي حڪيم سعيد گرئوانڊ تي جلسو مشروط طور تي نه ڪرڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جلسو نه ڪري ته پوءِ پي ٽي آءِ به جلسي تان هٿ کڻندي، شهلا رضا پي ٽي آءِ جي آڇ رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ غنده گردي واري سياست کي برداشت نه ڪيو ويندو، ڪمشنر ڪراچي چيو آهي ته پ پ کي اڳ ئي حڪيم سعيد گرائونڊ تي جلسي جي اجازت ملي ڏني وئي آهي.

ڪراچي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل چيو ته گذريل رات سندن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سندن حڪومت آئي ته ڪراچي جي ڪمشنر کي جيل ۾ وجهنداسين.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي جي حڪيم سعيد گرائونڊ تي جلسو مشروط طور تي نه ڪري سگهي ٿي.

عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جلسو نه ڪري ته پوءِ پي ٽي آءِ به جلسي تان هٿ کڻي سگهي ٿي.

هن چيو ته جيڪڏهن پ پ جلسو ڪيو ته پي ٽي آءِ به جلسو ڪندي

ٻي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پي ٽي آءِ جي آڇ رد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غنده گردي واري سياست کي برداشت نه ڪيو ويندو.

ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد چيو ته پ پ کي اڳ ئي حڪيم سعيد گرائونڊ تي جلسي جي اجازت ملي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*