اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مان تشدد خلاف آهيان، سياست ۾ تشدد نه هئڻ گهرجي

yousuf raza gilani

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مان تشدد خلاف آهيان، سياست ۾ تشدد نه هئڻ گهرجي، جڏهن ملڪ جو  گهرو وزير ئي محفوظ نه هجي ته عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ محاذ وارن ڪنهن به نه ڳالهايو هو، انهن جو ارادو تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو هو.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته محاذ وارن جي ڪنهن سان به ڪي ڳالهيون نه ٿيون هيون، انهن جو ارادو به تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو هو،

هن چيو ته  مون کي گهرو وزير تي ٿيل حملي تي تمام گهڻو افسوس ٿيو، مان ان جي مذمت ڪيان ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن گهرو وزير محفوط نه هجي ته پوءِ عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ملڪ ۾ قانون هئڻ گهرجي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته 158  اهو تڪ آهي، جتي اسان جا بزرگ به چونڊ وڙهيا آهن.

هن چيو ته پيپلزپارٽي اهڙو ڪم نه ڪندي جنهن سان چونڊون دير جو شڪار ٿين،

يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلزپارٽي هڪ نظرياتي پارٽي آهي، جيڪا سڄي ملڪ ۾  جلسا ڪري رهي آهي،

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان ڪهڙو هوندو، جتي پراڻا ڪاريگر وڃي رهيا آهن. جيڪي اسان سان گڏ هوندي انقلاب نه آڻي سگهيا ۽ اهي پي ٽي آءِ   اچي ڪيئن آڻيندا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*