سنڌ جي نئين مالي سال 19-2018 لاءِ 11 کرب 42 ارب ۽ 47 ڪروڙ رپين جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي

Budget 2018-19

سنڌ جي نئين مالي سال 19-2018 لاءِ 11 کرب 42 ارب ۽ 47 ڪروڙ رپين جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان آهي.

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو، بجيٽ رڳو ٽن مهينن لاءِ ڪارگر هوندي، نئين مالي سال جي مڪمل بجيٽ نئين ايندڙ حڪومت ٻيهر منظوري ڏيندي.

دستاويزن موجب تعليم لاءِ202 ارب، ترقياتي رٿائن لاءِ  350 ارب ۽ امن امان لاءِ  105 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن موجب سرڪاري خرچن لاءِ 972 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، وفاق کان سنڌ کي ڪل 743 ارب رپيا منتقل ٿيندا.

دستاويزن موجب صوبائي ترقياتي بجيٽ لاءِ 244 ارب رپيا ۽ ضلعي ترقياتي ڪمن لاءِ 30 ارب رپيا برقرار رکڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن موجب وفاقي ترقياتي پروگرام 27 ارب مان وڌائي 30 ارب رپيا رکڻ ۽ پرڏيهي فنڊنگ سان هلندڙ ترقياتي پروگرامن لاءِ 45 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن ۾ چيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 32 ٽيڪسز ۾  واڌ ڪري 36  ارب رپيا اضافي  وصول ڪرڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن موجب ٽيڪس  هدف 194 ارب مان وڌائي 230 ارب رپيا رکڻ ۽ خدمت تي جي ايس ٽي 100 ارب مان وڌائي 115 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن ۾ چيو ويو ته گاڏين جي الٽريشن فيس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪرڻ ۽ ڪاٽن فيس 50 سيڪڙو اضافو  ڪري نئون هدف ساڍا 7 ڪروڙ مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.

دستاويزن موجب پئٽروليم ۽ آئل جي پيداوار تي 0.25 سيڪڙو سيس اوڳاڙڻ ۽ 1500 کان 3000 سي سي جي گاڏين تي لگزري ٽيڪس ۾ 100 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي.

دستاويزن ۾ چيو ويو ته لگزري گاڏين تي ٽيڪس 10 هزار کان 2 لک روپين تائين وصول ڪرڻ ۽ 150 کان 1000 سي سي گاڏين تي لائيف ٽائيم ٽيڪس 5 هزار کان 10 هزار ڪرڻ جي تجويز آهي

دستاوين ۾ چيو ويو ته گاڏين جي ٽرانسفر فيس ۾ 20 کان 50 سيڪڙو تائين اضافي ۽ گاڏين جي ٽرانسفر فيس 300 کان وڌائي 1500 روپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.

 هلندڙ مالي سال 18-2017 ۾ 1010 ارب مان رکيا ويا، جن مان891 ارب خرچ ٿي سگهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*