سنڌ ۾ سڀني وومين پوليس اسٽيشنن جو نالو تبديل ڪري وومين اينڊ چلڊرين پروٽيڪشن يونٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ig sindh

سنڌ ۾ سڀني وومين پوليس اسٽيشنن جو نالو تبديل ڪري وومين اينڊ چلڊرين پروٽيڪشن يونٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته 20 هزار پوليس اهلڪار پاڪ فوج کان تربيت حاصل ڪري چڪا آهن.

ڪراچي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته هلندڙ مهيني پاسنگ آئوٽ ٿيندڙ 3 هزار 30 پوليس اهلڪارن کي ڪراچي پوليس کي ڊسپوزل تي ڏنو وڃي، جيئن رمضان دوران سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي.

هن چيو ته سڀني ٽريننگ سينٽرز جي پرنسپال کي اهلڪارن جي ٽريننگ واري مرحلي بابت شيڊيول تيار ڪرڻ گهرجي، جيئن ٽريننگ وارو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿي سگهي.

هن چيو ته سڀني پوليس ٽريننگ سينٽرن جي ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ سڀني ٽريننگ سينٽرن جي پرنسپلز سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*