احتساب عدالت، قطري شهزادي جي خط کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو

nawaz shareef

احتساب عدالت، قطري شهزادي  جي خط کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو، عدالت ۾ طارق شفيع ۽ مسٽر هلي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۽ آڊٽ  بيورو جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي، واجد ضياءَ چيو آهي ته رپورٽ 2010 کان 2014 جي آهي، جنهن جي  فوٽو  ڪاپي 432 CMA  سان ڳنڍيل آهي. گلف اسٽيل ملز جو 75 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو به  سپريم ڪورٽ ۾ جمع آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي سربراهيءَ ۾ العزيزيه اسٽل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته 20 اپريل تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي طور ڪم ڪري رهيو هيس، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو، عدالت گلف اسٽيل بابت سوال ڪيا،

هن چيو ته سپريم ڪورٽ پڇا ڪئي ته سيڙپ قطر مان ڪيئن برطانيا ۽ سعودي عرب وئي ۽ قطري شهزادي حماد بن جاسم جو خط افسانه آهي يا حقيقت، حسين نواز طرفان نواز شريف کي ڪروڙين رپين جا تحفا ڏيڻ ۽ لنڊن فليٽس بابت به جاچ ڪئي وئي.

واجد ضاءَ چيو ته جي آءِ ٽي کي جاچ ڪرڻي هئي ته نواز شريف انهن اثاثن جو مالڪ آهي يا ڪو ٻيو بي نامي دار آهي. جي آءِ ٽي کي سپريم ڪورٽ طرفان 60 ڏينهن ۾ آخري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ مون کي جي آءِ ٽي جو سربراهه ۽ ٻين پنجن ماڻهن کي بئنچ جو ميمبر مقرر ڪيو، 10 جولاءِ تي 10 واليمز تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي

ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ۽ نيب پراسيڪيوٽر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هر جملي تي اعتراض نه ڪيو، اسان به جواب ڏينداسين، بيان تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويندو، پنهنجو اعتراض لکي ڏيو بعد ۾ بحث ڪبو، درست هجي يا غلط توهان کي هڪ ڳالهه تي اعتراض ڪرڻو آهي.

نواز شريف جي وڪيل چيو ته منهنجي قانوني ذميواري آهي ته اعتراض ٺهي ٿو ته اٿاريندس، نيب جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته اهڙي نموني بيان قلمبند نه ٿو ڪري سگهجي.

ان موقعي تي واجد ضياءِ آڊٽ بيورو  رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هي رپورٽ 2010 کان 2014 تائين جي آهي، هن رپورٽ جي فوٽو ڪاپي 432 CMA  سان ڳنڍيل آهي.

رپورٽ تي خواجا حارث اعتراض ڪندي چيو ته هي ڪاپيون شاهدن پاڻ تيار نه ڪيون آهن.

جنهن تي واجد ضياءَ چيو ته آڊٽ  بيورو رپورٽ جي فوٽو ڪاپي حسين نواز به فراهم ڪئي، حسين نواز طرفان فراهم ڪيل رپورٽ 2010 کان 2015 جي آهي.

واجد ضياءَ چيو ته حسين  نواز طرفان فراهم ڪيل ڪاپيون واليم 6 ۾ شامل آهن،

ان موقعي تي واجد ضياءَ هولڊنگ لميٽيڊ جون مارچ 2008 جون تصديق ٿيل ڪاپيون ۽ فنانشل اسٽيٽمنٽ پيش ڪيون.

ان موقعي تي واجد ضياءَ طرفان 13 مئي 2017 تي پرڏيهي سيڪريٽري کي لکيل خط به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

واجد ضياءَ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري کي خط لکي چيو هو ته اسان جو خط حمد بن جاسم تائين پهچايو وڃي.

عدالت قطري شهزادي جي 5 نومبر 2017 واري خط کي به رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته طارق شفيع ۽ آهلي وچ ۾ ٿيل 1978جو معاهدو  به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

واضد ضياءَ چيو ته شيئرز جي وڪري جو معاهدو عبدالله ، آهلي ۽ طارق شفيع وچ ۾ ٿيو،  گلف اسٽيل ملز جو 75 سيڪڙو شيئرز جي وڪري جو معاهدو سپريم ڪورٽ ۾ جمع آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*