اليڪشن ڪميشن، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر ابرار حسين تنولي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

election

اليڪشن ڪميشن، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر ابرار حسين تنولي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. ابرار حسين تنولي هلندڙ سال 12 فيبروري تي جماعت اسلامي  ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

اليڪشن ڪميشن ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبر ابرار حسين  تنولي جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪرائي هئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اليڪشن ڪميشن پارٽي وفاداري تبديل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ابرار حسين تنولي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

ابرار حسين تنولي 2013ع ۾ چونڊ ۾ قومي وطن پارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو ۽ اتحادي حڪومت ۾ کيس ٻيلي کاتي جو وزير بڻايو ويو.

ابرار حسين تنولي هلندڙ سال 12 فيبروري تي جماعت اسلامي  ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*