نوابشاهه ڀرسان نئون ناڪو تي دوڪاندان ٺاهڻ خلاف واپارين پاران ميونسپل ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah

نوابشاهه ڀرسان نئون ناڪو تي دوڪاندان ٺاهڻ خلاف  واپارين پاران ميونسپل ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

متاثر واپاري پرويز احمد، محمد يوسف عباسي، مير حسن ڪاتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين عظيم مغل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته اسان 30 سالن کان روزگار ڪري رهيا آهيون، اسان پيپلز پارٽي جا ورڪر آهيون، پ پ لاءِ  اسان جا ماڻهو به شهيد ٿيا آهن.

هنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين عظيم مغل پنهنجا فليٽ ۽ بنگلا ٺهرائڻ لاءِ اسان جا دڪان مس مار ڪري رهيو آهي.

متاثرن پ پ جي شريڪ  چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻين پارٽي جي اعليٰ عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل ڪميٽي چيئرمين جي ڏاڍاين جو نوٽس وٺي، بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*