عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ گنبي جو دڙي ۾نوجوان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن سهرن تي قتل جو الزام هنيو آهي

umer kot

عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ گنبي جو دڙي ۾نوجوان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن سهرن تي قتل جو الزام هنيو آهي.

ڳوٺ گنبي جو دڙي  ۾ شادي شده عورت 22 سالن جي حاجياڻي  ڪنڊو جو مبينا طور گھر جي لاٽڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ لاش مليو، اطلاع تي عمرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

نوجوان ناري جي مبينا  خودڪشي جي حوالي سان عورت جي وارثن دانھيندي چيو تہ اسان جي نياڻي حاجياڻي  کي  ان جي سھورن قتل ڪري گھر جي ڇت ۾ لاش ٽنگي خودڪشي ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي  آھي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملوث  جوابدارن مڙس علي محمد ۽ سھوري علي مراد ڪنڊو ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*