خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پنهنجي عملي کي اعزازي 5 ڪروڙ رپيا رقم ڏيڻ لاءِ سمري منظور ڪري ورتي آهي

pervez khatak

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پنهنجي عملي کي اعزازي 5 ڪروڙ رپيا رقم ڏيڻ لاءِ سمري منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ 5 سئو ملازمن کي رقم ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ هائوس سميت پختونخواهه هائوس اسلام آباد جي عملي جي ملازمن کي اعزازي رقم جي ادائگي ڪئي ويندي، انهن ۾ حاضر سروس عملو ۽ ڪجهه اڳوڻا آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن.

ذريعن جي رپورٽ موجب وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، عملي کي اعزازي رقم ادائگي واري سمري منظور ڪري خزاني کاتي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير ڪي پي جي عملي کي اعزازيو ادا ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، ملازمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل جاري آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*