پشاور ۾ هوٽل اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

peshawar hotel dhamako

پشاور ۾ هوٽل اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هوٽل ويجهو بيٺل گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو بارودي مواد جو نه پر سلينڊر جو هو.

جي ٽي روڊ تي بلال ٽائون ويجهو هوٽل جي چوٿين ماڙ تي زور دار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪمري اندر موجود هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڀر واري ڪمري ۾ موجود 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ شخص زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال دم ڏئي ڇڏيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، ڌماڪي سبب هوٽل جي درين جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو.

ڌماڪي کانپوءِ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي، اطلاع تي پوليس، فائربرگيڊ ريسڪيو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي ويو.

سي سي پي او پشاور جميل رحمان چيو ته متاثر خاندان هنگو مان علاج ڪرائڻ لاءِ پشاور آيو هو ۽ هوٽل ۾ ترسيل هو. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻئي ٻارڙا آهن.

ٻئي طرف بم ڊسپوزل يونٽ انچارج اي آءِ جي شفقت ملڪ چيو ته ڌماڪو بارودي مواد جو نه پر گيس سيلنڊر جو هو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ کان ڌماڪيدار مادي جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن.

شفقت ملڪ چيو ته متاثر ڪٽنب پاران ماني پچائڻ لاءِ سلينڊڙ ٻاريو ويو ته ڌماڪو ٿيو، باهه لڳڻ سبب جاني نقصان ٿيو.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو ته هوٽل ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڌماڪي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس ٿيو آهي.

شوڪت  يوسفزئي چيو ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻنهي ڀائرن جو علاج جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*