بلوچستان سرڪار پاران نئين مالي سال لاءِ 3 سئو 53 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي ويندي

budget

بلوچستان سرڪار پاران نئين مالي سال لاءِ 3 سئو 53 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي ويندي، ذريعن موجب صوبي جي مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 353 ارب رپيا آهي، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، صحت لاءِ 56 ارب 54 ڪروڙ ۽ امن امان جي لاءِ 38 ارب 9 ڪروڙ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

بلوچستان سرڪار پاران نئين مالي سال 19-2018ع لاءِ 3 سئو  53 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي،

ذريعن موجب، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پيشن ۾ 10 سيڪڙو واڌجي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته امن ۽ امان جي مد ۾ 38 ارب 9 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب، تعليم جي شعبي لاءِ 56 ارب 54 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته صحت جي شعبي لاءِ 19 ارب 41 ڪروڙ رکڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، بجيٽ خساري جو مجموعي  ڪاٿو 60 ارب رپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي. مختلف وسيلن مان 243 ارب 17 ڪروڙ رپيا ملڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، صوبي جي وسيلن جي مجموعي آمدني جو ڪاٿو 15 ارب 39 ڪروڙ رپيا آهي.

ذريعن موجب، غير ملڪي ترقياتي امداد  جي مد ۾ 9 ارب 23  ڪروڙ رپيا ملڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ٻين وسيلن ذريعي آمدني جو  ڪاٿو 22 ارپ رپين کان وڌيڪ آهي.

بلوچستان سرڪار جي ذريعن موجب، مجموعي آمدني جي ڪاٿو 290 ارب 29 ڪرور رپيا آهي.

ذريعن موجب، غير ملڪي ترقياتي امداد جي مد ۾ 9 ارب 23 ڪروڙ رپيا ملڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 90 ارب رپيا آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*