سنڌ هاءِ ڪورٽ 77 ايڪڙ سرڪاري زمين فرضي نالن تي الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي کين 25، 25 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ  77 ايڪڙ سرڪاري زمين فرضي نالن تي الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي کين 25، 25 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏنو آهي.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت اڳوڻي ضلعي روينيو آفيسر الهبچايو چانڊيو، علي اڪبر هنڱورو، شوڪت حسين ۽ صابر حسين جي ضمانت منظور ڪندي کين 25،25 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن 77 ايڪڙ سرڪاري ايراضي مختلف فرضي نالن تي منتقل ڪري قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان پهچايو آهي.

نيب چيو ته جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*