وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي بندر گاهه تي پهرئين ڊيپ واٽر ڪنٽينرز ٽرمينل جو افتتاح ڪندو

pm shahid khaqan copy

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي بندر گاهه تي پهرئين ڊيپ واٽر ڪنٽينرز ٽرمينل جو افتتاح ڪندو.

ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي.

شاهد خاقان عباسي ڪراچي بندر گاهه تي تعمير ٿيل پهرئين ڊيپ واٽر ڪنٽينرز ٽرمينل جو افتتاح ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اين اي ڊي يونيورسٽي جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت به ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*