سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ميرپورخاص ۾ لڳايل ڌرڻو ميرپورخاص جي ڪمشنر پاران پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو آهي

Mirpur-Khas-map

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ميرپورخاص ۾ لڳايل ڌرڻو ميرپورخاص جي ڪمشنر پاران پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو آهي.

ڊگهڙي، ڪوٽ غلام محمد، سنڌڙي، سامارو، پٿورو، ڪنري ۽ ٻين تعلقن جي آبادگارن پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ميرپورخاص–حيدرآباد روڊ تي هنيو، گذريل رات ڊي سي زاهد ميمڻ ۽ نارا ڪئنال جي ڊائريڪٽر امجد ڏاوچ آبادگارن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿي ويون هيون.

اڄ صبح جو ميرپورخاص جي ڪمشنر صديقي مهيسر، آبادگار اڳواڻن سان فون تي رابطو ڪري شاخن کي بند ڪيل پاڻي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهنکانپوءِ آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن آبادگارن جو چوڻ آهي ته نارا ڪئنال کي 50 سيڪڙو پاڻي ملي رهيو آهي، پر گذريل 4 مهينن کان شاخون بند پيل آهن.

هنن چيو ته نارا ڪئنال ۾ جيڪو به  پاڻي اچي ٿو، اهو بااثر چوري ڪري پنهنجا فصل آباد ڪري رهيا آهن.

آبادگارن جو مطالبو آهي ته شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ رينجرز مقرر ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*