سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري اقبال بابلاڻي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري اقبال بابلاڻي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اڳوڻي سيڪريٽري اقبال ببلاڻي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جوابدار خلاف ڪرپشن جا پڪا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، ٽرائيل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت منظور نٿا ڪري سگهون.

نيب چيو ته جوابدار اقبال بابلاڻي سرڪاري گاڏين جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي آهي، 2016 تي جوابدار خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.

نيب چيو ته جوابدار اقبال بابلاڻي گذريل ٽن سالن کان جيل ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*