جيڪب آباد ۽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ تڪبندين بابت اعتراض رد ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪيو ويو

Sindh-High-Court-171016

جيڪب آباد ۽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ تڪبندين بابت اعتراض رد ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪيو ويو، عدالت درخواستن تي اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي جواب طلب ڪري ورتو.

محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

  درخواستگذارن موقف اختيار  ڪيو ته اليڪشن ڪميشن اعتراض ٻڌڻ بغير اسان جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

درخواستگذار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ قانون گهرجون پوريون ناهن ڪيون.

وڪيل دليلن ۾ چيو ته ٻنهي ضلعن ۾ 10 لک آبادي تي مشتمل قومي اسيمبلي جا تڪ ٺاهيا ويا آهن، اهڙي تڪبندين سان قومي اسيمبلي جون 2 سيٽون ٺهيون آهن، جڏهن ته 3 سيٽون هئڻ گهرجن.

وڪيل دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو 2017 جي چونڊ قانون خلاف آهي.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر احسان مزاري، سليم جان مزاري، شبير بجاراڻي ۽ ايم پي اي رئوف کوسو  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*