مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته نيب پاران جاري ڪيل تازي پريس رليز کي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهيون

nawaz shareef mariyam

مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته نيب پاران جاري ڪيل تازي پريس رليز کي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهيون. نيب چيئرمين واري معاملي تي پوئتي نه هٽنداسين، آمرن جي دور ۾ به ايئن نه ٿيو، جئين اڄ ٿي رهيو آهي،

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نوازشريف چيو ته نيب چيئرمين طرفان جاري ڪيل پريس رليز وارو معاملو ننڍڙو ناهي پر تمام گهڻو سنجيده معاملو آهي ۽ ان معاملي تي پوئتي نه هٽنداسين.

نوازشريف چيو ته اُن کان وڌيڪ حالتون خراب ڪهڙيون ٿينديون، آمرن جي دور ۾ به ايئن نه ٿيو هو. اڄ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽوڪميٽي جو اجلاس به انهي ڪري گهرايو هو.

مسلم ليگ ن جي قائد چيو ته موجوده حالتن تي گذريل ڏينهن وزيراعظم سان ڳالهيون ٿيون هيون، اڄ سي اي او جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪنداسين.

هن چيو ته اُن کان وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون حالتون خراب ٿيندو، مون کي وزارت عظميٰ تان هٽائڻ بعد پارٽي صدارت تان هٽايو ويو ۽ تاحيات نااهل ڪيو ويو.

نوازشريف چيو ته جيڪي هي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، رستو به انهن ئي ڪڍڻو آهي، مارشل لاءِ جي دور۾ به ايئن نه ٿيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*