اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد واجد ضياءَ نوازشريف طرفان مريم نواز کي جاري ڪيل چيڪس جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا

nawaz sharif and maryam nawaz

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس  جي ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد واجد ضياءَ نوازشريف طرفان مريم نواز کي جاري ڪيل چيڪس جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا. واجد ضياءَ چيو آهي ته نوازشريف مريم نواز کي 14 آگسٽ 2016 تي هڪ ڪروڙ 95 لک رپين جو چيڪ جاري ڪيو، 3 نومبر 2015 تي 2 ڪرور 88 لک رپين جو چيڪ جاري ڪيوو يو: .

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش   ٿيو.

ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد واجد ضياءَ شريف خاندان جي ٽرانزيڪشن رپورٽ پيش ڪئي.

فريادي ڌر جي شاهد واجد ضياءَ ايون فيلڊ کانپوءِ العزيزيه ريفرنس ۾ به لاڳيتو ٻيئن ڏينهن بيان قلمبند ڪرائي رهيو آهي.

واجد ضياءَ موجب 13 جون 2015 تي نواز شريف مريم نواز کي 12 ملين  جو چيڪ جاري ڪيو، جڏهن ته 3 نومبر 2015 تي نواز شريف، مريم نواز کي 2 ڪروڙ 88 لک رپين جا چيڪ ڏنا.

واجد ضياءَ موجب 21 نومبر 2015 تي نواز شريف مريم نواز کي 18 لک رپين جا چيڪ پڻ ڏنا.

نيب جي شاهد ٻڌايو ته پهرين نومبر 2015 تي نواز شريف مريم نواز کي 65 لک ۽ 10 مئي 2015 تي ڏهه ڪروڙ پنجاهه لک رپين جا چيڪ ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*