سپريم ڪورٽ، بلوچستان ۾ اسپتالن جي خراب صورتحال بابت نوٽيس جي ٻڌڻي دوران هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن کي معاوضو نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

saqib nisar

سپريم ڪورٽ، بلوچستان ۾ اسپتالن جي خراب صورتحال بابت نوٽيس جي ٻڌڻي دوران هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن کي معاوضو نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو آهي ته  ينگ ڊاڪٽرن کي ڪو به معاوضو نه ڏنو وڃي، سندن بدمعاشي نه هلندي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته ڊاڪٽرن جي هڙتال دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نه پر رڳو پاڪستان ۾ ٿيندي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ بلوچستان جي سرڪاري اسپتالن جي  خراب حالت بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف سيڪريٽري بلوچستان اورنگزيب حق عدالت کي ٻڌايو ته اسپتالن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، حڪومت اسپتالن جي بهتري لاءِ هڪ  ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. 571 ڊاڪٽرز کي ڀرتي ڪرڻ جا آرڊر جاري ٿي چڪا آهن.

اورنگزيب حق عدالت کي ٻڌايو ته ينگ ڊاڪٽرز سياست ۾ ملوث آهن، جنهن تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته هاڻ اها بدمعاشي نه هلندي، ينگ ڊاڪٽرز جو معاوضو بند ڪيو وڃي، جيڪي ڊاڪٽر سياست ۾ آهن، انهن کي فارغ ڪيو وڃي.

ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن ڊاڪٽر ياسر به عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا مطالبا پورا ناهن ٿيا، اسان کي وظيفي جي مد ۾ 24 هزار رپيا ملندا آهن. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ 60 هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو آهي.

جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي صوبن جي حالتن موجب وظيفو ڏنو پيو وڃي.

چيف جسٽس، چيف سيڪريٽري کان پڇا ڪئي ته ڇا اوهان ينگ ڊاڪٽر کي وظيفو ڏئي رهيا آهيو، جنهن تي اورنگزيب حق وضاحت پيش ڪندي چيو ته ينگ ڊاڪٽرز جي وظيفي ۾ 4 هزار رپيا واڌ ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي نمائندي  عدالت کي آگاهه ڪيو ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽرڪچر ناهي ۽نه ئي ڪو الائونس ڏنو پيو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرز جي هڙتال جو مثال دنيا ۾ رڳو پاڪستان ۾ ئي ملندو آهي،

عدالت چيف سيڪريٽري صحت کي ينگ ڊاڪٽرز جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*