گهوٽڪي ويجهو ٻن ڏينهن کان گم 7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش واهه مان هٿ ڪيو ويو آهي

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ويجهو ٻن ڏينهن کان گم 7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش واهه مان هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ٻارڙي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش واهه ۾ اڇلايو ويو آهي.

ڳوٺ نئين واهي ۾ٻن ڏينهن کان گم ٻارڙي ظفر الله  مهر ولد ثناءَ الله جو لاش مهر واهه مان هٿ ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن ٻارڙي جو لاش ٻاهر ڪڍرائي پوليس کي اطلاع ڪيو، اي سيڪشن پوليس لاش تحويل ۾ وٺي  پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته  ٻارڙي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش واهه ۾ اڇلايو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*