نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته عدالت جي نالي تي سدائين جهموريت پسندن کي نشانو بڻايو ويو آهي

talal chodhary

نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو  آهي ته عدالت جي نالي تي سدائين جهموريت پسندن کي نشانو بڻايو ويو آهي، ڪنهن کي به همت نه آهي ته نون کي ايندڙ چونڊن مان حصو وٺڻ کان روڪي، اسان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺنداسين،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته احتسان عدالت جي نالي تي سدائين جهموريت پسندن کي نشانو بڻايو ويو آهي، هيمشه پنهنجي مرضي جا ليڊر آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويو آهن.

هن چيو ته ساک برقرار نه رهي ته پوءِ احتساب نٿو ٿي سگهي، جنهن اداري جي سربراهه جي ساک ئي نه رهي هجي اهو ڇا احتساب ڪندو؟ جيڪڏهن غلطي ٿي آهي ته فوري طور تي معافي وٺڻ گهرجي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اربين ڊالر ڀارت موڪلڻ جو الزام غداري جو الزام آهي، معاملو رڳو نواز شريف جو نه پر پوري پاڪستان جو آهي.

طلال چوڌري چيو ته ڪنهن کي به همت نه آهي ته نون کي ايندڙ چونڊن مان حصو وٺڻ کان روڪي، اسان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺنداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*