ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

tharushah

ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

اسد شاهه، بخشل منگي ۽ عبدالحق اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ماسٽر چندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته انتظاميا غير قانوني طور هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، جنهنڪري ٻارڙا صبح جو  ناشتو ڪرڻ بنا اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ آفيسرن کي هٽائي گئس فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*