باڊھ ۾ نالي وارو اداڪار حسن مستانو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي بستري داخل ويو آهي

badah

باڊھ ۾ نالي وارو اداڪار حسن مستانو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي بستري داخل ويو آهي، فنڪار برادري مطالبو ڪيو آهي ته سندس علاج  سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي

ناليواري اداڪار حسن مستانو جي نظر به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، غربت سبب وٽس علاج ڪرائڻ جي سگھه نه آهي.

هوڏانهن فنڪار ايسوسيئشن پاران راجا سومرو منور ۽ ٻين  چيو ته حسن مستانو اسٽيج ڊرامن سان گڏ مختلف سنڌي چيئنلز تي پڻ ڪافي ڊراما ڪيا آھن، پر هن وقت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي بستري داخل ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته فنڪار حسن مستانو جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*