آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهارالحسن ۽ مصطفيٰ ڪمال کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي وڃي

KHUWAJA-IG-SINDH-91217

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهارالحسن ۽ مصطفيٰ ڪمال کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي وڃي، رمضان دوران ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ 3  هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته پوليس تي هر ڪم جو دٻاءَ آهي پر امن امان بحال رکڻ اسان جي ذميواري آهي.

هن چيو ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بهترين تربيت فراهم ڪري رهيا آهن، جئين عوام جي سٺي نموني سان خدمت ٿي سگهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته پوليس کي وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ لاءِ پوليس شعبي ۾ اڃا به بهتري جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽرن ۾ تربيت ڏيڻ واري عمل کي وڌيڪ بهتر ڪري رهيا آهيون، جئين جاچ واري عمل کي به بهتر بڻائي سگهون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*