وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ صرف ٽن مهينن لاءِ آهي

cm khi

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ صرف ٽن مهينن لاءِ آهي، جنهن کان پوءِ ايندڙ حڪومت پهرين آڪٽوبر تي ٻيهر بجيٽ جي منظوري ڏيندي، سنڌ ۾ هن وقت 55 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پاران فنڊ گهٽ ملڻ ڪري ترقياتي ڪم متاثر ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته گذريل سال وفاقي حڪومت 627 بلين ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ روائيز ڪري 598 بلين روپيا ڏنا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي  سميت پوري سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن.

هن چيو ته ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ جهانگير پارڪ ٺهرائڻ سان گڏ  گارڊن کان ڦوهارا چوڪ تائين روڊ به ٺهرايو ويو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سپر هاءِ وي کان جهرڪ، ملاڪاتيار وايا ٽنڊو محمد خان روڊ مڪمل ڪرايو ويو آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ 7 اين آءِ سي وي ڊي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي غريبن کي مفت علاج جون سهولتون ملي رهيون آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 55 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي،91 ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*