ڊي جي نيب ڪراچي الطاف باواني حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ کلي ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا

nab-DG-sindh

ڊي جي نيب ڪراچي الطاف باواني حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ کلي ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا، جتي شهرين حيسڪو خلاف سڀ کان وڌيڪ شڪايتون ڪيون، ڊي جي نيب الطاف باواني چيو ته هن وقت نيب ڪورٽن ۾ 270 ڪيس هلي رهيا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي نيب الطاف باواني چيو ته عملدارن خلاف ڪيسن جي جاچ جاري آهي، جيڪي آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته حيدرآباد ۾ کليل ڪچهري دوران حيسڪو خلاف تقريبن 200 شڪايتون مليون آهن، حيسڪو چيف کي عوام جا مسئلا  جلد حل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

ڊي جي نيب الطاف باواني چيو ته مڪاني کاتي ۾ ڪرپشن بابت جاچ هلي رهي آهي، جيڪي به آفيسر ملوث هوندا، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*