شهدادپور ۾ مزدورن جي حقن لاءِ سنڌي مزدور اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

shahdad pur

شهدادپور ۾ مزدورن جي حقن لاءِ سنڌي مزدور اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

عارف جوڻيجو ۽ رفيق جکرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي بک هڙتال ڪئمپ تي ويٺل احتجاج ڪندڙن چيو ته مزدورن سان ڪارخانيدار اور ٽائيم ڪم ڪرائي انهي جو معاوضو گهٽ ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته سرمائيدارن جي هڪ هٽي سبب مقامي ملازمن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته مزدورن جي حقن لاءِ ليبر ڪورٽ قائم ڪري سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*