ڪراچي جي ڪورنگي واري ۾ علائقي ۾ اي سي ايل سي پوليس جي ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

30 bikes

ڪراچي جي ڪورنگي واري ۾ علائقي ۾ اي سي ايل سي پوليس جي ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڦر ۽ چوري ڪيل 30 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو ته ڪورنگي جي مدينا ڪالوني  واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران جوابدار يعقوب قريشي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڪارروائي دوران مختلف علائقن مان ڦر ۽ چوري ڪيل 30 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس جو چوڻ آهي جوابدار پاڻ مستري آهي، موٽرسائيڪلون کولي سامان وڪرو ڪندو رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*