اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نيب چيئرمين پاران معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ سندس خلاف ڪارروائي لاءِ قانون جو دڳ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نيب چيئرمين پاران معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ سندس خلاف ڪارروائي لاءِ قانون جو دڳ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير۽ مجلس عاملا جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نيب چيئرمين پاران نوازشريف تي مني لانڊرنگ جي الزام جي مذمت ڪئي وئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب تعصب رکندڙ ۽ ڌر بڻيل ادارو ثابت ٿي چڪو آهي.  نيب چيئرمين معافي نه ورتي ته قانون  آپشن موجود آهي.

نوازشريف  چيو ته اهتساب جي نالي تي انتقامي ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، نيب کي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي مذمت ڪئي وئي ۽ صحتيابي لاءِ دعا گهري وئي.

اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال، نيب ڪيسن ۽ نيب چيئرمين جي حوالي سان سياسي ۽ قانوني مشاورت به ڪئي وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*