ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر پنهنجي پيشوراڻي صلاحيتن ذريعي اهم ڪردار ادا ڪندوصدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين سان ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملاقات ڪئي آهي، صدر ممنون حسين، رضوان اختر کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ملڪ جي مفاد ۾ آهي.

ايون صدر اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملاقات ڪئي،ملاقات دوران آءِ ايس آءِ جي پيشوراڻي معاملن ۽ ملڪي سلامتي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي صدر ممنون حسين، ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته اميد آهي ته رضوان اختر پنهنجي پيشوراڻي صلاحيتن ذريعي اهم ڪردار ادا ڪندو.

صدر ممنون حسين چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته هو قوم ۽ ملڪي قيادت جي اعتماد تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*