امريڪا پاران پاڪستاني سفارتڪارن مٿان پابندي لڳائڻ بعد پاڪستان به امريڪي سفارتڪارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

PAK-USA 11518-2808

امريڪا پاران پاڪستاني سفارتڪارن مٿان پابندي لڳائڻ بعد پاڪستان به  امريڪي سفارتڪارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، ترجمان موجب، آمريڪي سفارتڪار اجازت کان سواءِ سفر نه ڪري سگهندا، سفارتڪارن مٿان گهر تبديل ڪرڻ يا ڪرائي تي گهر حاصل ڪرڻ لاءِ اين اوسي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

آمريڪا ۾ پاڪستاني عملي تي سفري پابندين جي جواب ۾ پاڪستان به آمريڪي سفارتي عملي تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سفري پابندين بابت آمريڪي سفارتخاني کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي سفارتي عملي کي 40 ڪلوميٽرن جي حدن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي.

ترجمان موجب، آفيشل گاڏين تي غيرسفارتي نمبر پليٽون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ڪرائي جي گاڏين تي سفارتي نمبرپليٽن جو استعمال به نه ڪري سگهندا.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سفيرن کي ٽيلي فون سم ڪڍرائڻ لاءِ بائيوميٽرڪ تصديق لازمي هوندي، آمريڪي سفيرن جي رهائش ڪرڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*