متحده عدم تشدد تي يقين رکندڙ لبرل جماعت آهي، الطاف حسين

الطاف حسين چيو آهي ته متحده عدم تشدد تي يقين رکندڙ لبرل جماعت آهي، جنهن جي ڪا به عسڪري ونگ ناهي، سوشل ميڊيا تي سيڪيورٽي ادارن خلاف بيانبازي ڪندڙن سان سندن ڪو به تعلق ناهي، ناانصافين خلاف پر امن احتجاج ڪيو ويندو.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته متحده قومي ميومنٽ عدم تشدد تي يقين رکندڙ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو سوچ واري جماعت آهي، جنهن جي ڪا به هٿياربند ونگ ناهي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڻ کي ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن سڏائي سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ رينجرز خلاف مهم هلائي رهيا آهن، اهڙن ماڻهن سان سندن ڪو تعلق ناهي.

الطاف حسين چيو ته متحده سيڪيورٽي ادارن سان ڇڪتاڻ نه ٿي چاهي، ڪارڪن سندس امن پسندي واري درس کي نه وسارين.

الطاف حسين چيو ته متحده ناانصافين خلاف آئيني حدن اندر رهي پرامن احتجاج ۽ اهڙا جلسا، جلوس ڪندي جنهن ۾ تشدد جو زيرو سيڪڙو به عمل دخل نه هجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*