عراق ۾ داعش جي شڪست کانپوءِ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو آغاز ٿي ويو، سيڪيورٽي انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن

iraq

عراق ۾ داعش جي شڪست کانپوءِ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو آغاز ٿي ويو، سيڪيورٽي انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن.

 پولنگ پاڪستاني وقت موجب صبح 9 وڳي کان شروع ٿي جيڪا رات جو 8 وڳي تائين جاري هوندي.

 عراقي اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن ۾ 329 سيٽس جي لاءِ 7 هزار اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي، عراقي چونڊن ۾ وزيراعظم حيدر العبادي ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوري المالڪي به ميدان ۾ آهي، جڏهن ته 2008ع ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش تي جُوتواڇليندڙ صحافي منتظر الزيدي به چونڊن ۾ اميدوار طور تي شريڪ آهي.

 واضح رهي ته عراق جي وزيراعظم حيدر العبادي 9 ڊسمبر 2017ع تي عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جي خلاف 3 ساله جنگ ۾ فتح جو اعلان ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*