آمريڪا چيو آهي ته اتر ڪوريا تي لڳل پابنديون 12 جون کان پهريان ختم نه ڪيون وينديون، پيانگ يانگ کي ايٽمي پروگرام بند ڪرڻ لاءِ ٺوس اپاءَ وٺڻا آهن

us south koria

آمريڪا چيو آهي ته اتر ڪوريا تي لڳل پابنديون 12 جون کان پهريان ختم نه ڪيون وينديون،  پيانگ يانگ کي ايٽمي پروگرام بند ڪرڻ لاءِ ٺوس اپاءَ وٺڻا آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي ڏکڻ ڪوريائي هم منصب ڪينگ ڪي ينگ واهه سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن اتر ڪوريائي ايٽمي پروگرام تي ڳالهه ٻول ڪئي، آمريڪي پرڏيهي وزير ڏکڻ ڪوريائي هم منصب کي سندس پيانگ يانگ دوري بابت ڄاڻ ڏني.

 پرڏيهي کاتي ۾ ملاقات کان پوءِ  گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مائيڪ پومپيو چيو ته سنگاپور ۾ 12 جون تي طئه ڪيل  صدر ٽرمپ ۽ اترڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن جي تاريخي ملاقات هوندي، پيانگ يانگ ايٽمي پروگرام جي خاتمي جي چونڊ ڪئي ته اهو ڪوريائي خطي ۾ امن ۽ اتي جي واسين لاءِ بهتر قدم هوندو.

 هن جو چوڻ هو ته ٻنهي سربراهن ۾ ملاقات جي معنيٰ خيز نتيجن اچڻ تائين اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار هونديون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*